دهي سانگ

دهي سانگ (ناچ): هي سانگ/ ناچ سنڌ جو عام ناچ آهي، خاص ڪري ٿر ۽ وچولي ۾ ڪي خاص فرد هي ناچ ڪندا آهن. هن ناچ ۾ ناچو (گهڻو ڪري مرد) مٿي تي ان ڇڙهڻ واري مهري يا ڪا ٻي خاص ٺهيل ڪاٺي رکي، ان جي مٿان پاڻيءَ جو هڪ دلو يا ڪڏهن ٻه دلا رکي گهنگهرن وارو ڏونڪو هٿ ۾ کڻي پيرن ۾ ڇير ٻڌي نچندو آهي. ٻنهي هٿن ۾ ڏونڪن سان، اک جي اشاري سان، چپن جي مرڪ سان پنهنجي احساسن جو اظهار ڪندو آهي. مٿي وارو اولو بار جهليو بيٺو هوندو آهي، جيڪو ڪنڌ کي هڪ هنڌ قابليت سان جهلڻ ۽ فن جي ادائگي ڪندو ويندو آهي. هي ڏسڻ ۾ تمام سادو، پر ڪرڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو ناچ آهي. هي ناچ دهل تي به ٿيندو آهي ۽ اُن جا ٻول آهن:
پاڻيءَ تي ٿي وڃان، ڙي مٺڙا! پاڻيءَ تي ٿي وڃان...!


هن صفحي کي شيئر ڪريو